Friday, April 27, 2012

Notes from Texas


Notes from Texas
هڪ شهر جي ڳالهه
عبدالحق چانگ

ٽيڪساس ڪيئن آهي؟ اهو سوال دوست فون تي پڇندو هو. ”موسم گرم آهي سنڌ وانگر“ آئون اڪثر ائين چوندو هئس. ٽيڪساس ۾ رهندي مون کان سنڌ جي گرمي وسري ويندي هئي. بس فون تي اگر ڪو پڇندو هو ته گهڙي کن لاءِ احساس ٿيندو هو.
بجلي ڪانهي اڪثر دوست ائين به چوندا هئا.
ڀلا بجلي ويندي آهي؟ نه صرف هڪ دفعو وئي هئي، سو به انهيءَ ڪري جو منهنجي پاڙي ۾ هڪڙي نوجوان شراب جي مدهوشي ۾ بجلي جي ٿنڀي کي ڪار وڃي هنئي هئي.
ڀلا ٽيڪساس ۾ تنهنجي يونيورسٽي ڪيئن آهي؟ ڪلاس روز ٿين ٿا؟ منهنجي يونيورسٽي ٽيڪساس جي گادي واري شهر ۾ آهي پر اتي  ڪلاس روز هلندا آهن.
پوءِ معنيٰ ته اتي احتجاج ڪو نه ٿيندو آهي ڇا ڀلا؟ احتجاج ته اتي به ٿيندو آهي ۽ منهنجي يونيورسٽي ۾ به روز احتجاج ٿيندو آهي پر اهو اڪثر ڪري ڪلاسن جي وقفي دوران يا وري ان وقت تي جو ڪلاسن تي اثر نه پوي.
ڀلا ڪلاس ڪيئن ٿيندا آهن؟ استاد پڙهائيندا آهن؟ ۽ شاگرد پڙهي ايندا آهن؟
ها استاد پڙهي ايندا آهن ۽ شاگرد به محنت ڪندا آهن.
ڀلا تنهنجا ڪي دوست آهن يونيورسٽي ۾؟
ها منهنجا يونيورسٽي ۾ تمام گهڻا دوست آهن ۽ اهي مختلف ملڪن مان آيل آهن. مون کي ته يونيورسٽي ۾ هڪڙي جڳهه تان ٻي جڳهه تي پهچڻ ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ لڳي ويندا آهن. انهيءَ ڪري اڪثر آئون فائن آرٽس ڊپارٽمينٽ وڃي پڙهندو آهيان. مون کي محسوس ٿيندو آهي ڄڻ ته ازل کان جيئن يونيورسٽي آف ٽيڪساس ۾ پيدا ٿيو هئس ۽ هتي ئي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ مدفون ٿيندس.
ڀلا هتي ماستر گسائيندا آهن؟
نه بلڪل نه. مون کي ياد نه ٿو پوي پر ڪڏهن ڪو ماستر بيمار هوندو هو ته اهو ڪلاس ڪو نه ٿيندو. پر پوءِ رهيل ڪلاس هر حال ۾ پورو ڪندو هو.
ڀلا هتي جا ماڻهو ڪيئن آهن؟
ماڻهو ماڻهن جهڙا ٿيندا آهن پر مون کي تمام سٺا دوست مليا.
ڀلا ڪو خاص دوست؟
دوست ته ڪافي هئا پر انهيءَ سڀني ۾ مزيدار شخص اليڪس هو. اليڪس ڪمپيوٽر سسٽم ۾ پڙهندو هو. سندس پي رشين ۽ ماءُ جرمني مان ڀڄي ويل يهودي خاندان مان هئي، جيڪي ميڪسيڪو ۾ وڃي رهيا هئا. اليڪس هائوس آف گائيز نالي student coop ۾ رهندو هو. ساڻس گڏ رهندي مون کي اهو محسوس نه ٿيو ته اسان ٻئي ڪي الڳ ملڪن، مذهبن يا روين جا ماڻهو آهيون. هو پڙهائي ۾ تمام گهڻو هوشيار هو ۽ چوويهه ڪلاڪ ئي پنهنجي ڪمپيوٽر تي ويٺو ڪم ڪندو هو. ڪچهري ۾ اهو احساس نه ٿيندو هو ته ڀٽ شاهه تي لياقت فقير سان گڏ ويٺو آهيان يان آسٽن ۾ اليڪس جي گهر. ائين ملڪ، زبانون ۽ ڌاريائپ بلڪل اجنبي احساس لڳندو هو. ڪڏهن ميوزڪ تي، ڪڏهن مذهب تي، ڪڏهن سياست تي گفتگو ڪندا رهندا هئاسين.
 اليڪس ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن موضوع تي چڙي پوندو هو. خاص ڪري ته سائنس مذهب کان وڌيڪ جديد ۽ اعتبار جوڳي آهي.
۽ آئون انهيءَ وقت فل ۽ ٽوني کي سڏ ڪندو هئس ۽ پوءِ هو گڏجي ڪو نه ڪو گانو ڳائيندا هئا. اليڪس کي ڪاوڙ وسري ويندي هئي ۽ اسان کان وڌيڪ آواز ۾ گانو ڳائڻ شروع ڪندو هو.
اڪثر روز سياري ۾ گهر جي ٻاهران باهه ٻاري هٿ سيڪندا هئاسين ۽ کلي کلي کيرا ٿي پوندا هئاسين.
پوءِ اليڪس هتي ڪڏهن ايندو؟
الائي خبر ناهي. پر هو هتي شايد نه رهي سگهي. ڇو ته هو مون کي هميشه چوندو آهي ته آئون صرف اتي زنده رهي سگهندس جتي بجلي ۽ انٽرنيٽ هجي پر هتي ته بجلي آهي ڪا نه ته وري انٽرنيٽ ڪٿان هلندو؟
ڀلا اسان وٽ هتي زندگي نارمل ڇو نه ٿي ٿئي؟ يار خبر ناهي.
ڀلا سماج ڪڏهن سڌرندو؟
يار خبر ڪانهي.
ڇو ڀلا توکي خبر ڪانهي؟ تون جو ايترو پڙهيو آهين ڪو ته مسئلي جو حل ٻڌاءِ؟
ڪاوڙ ۽ بيوسي مان کيس چيم يار پڙهيل لکيل هجڻ ۽ مسئلن جو حل خبر هجڻ سان مسئلو حل نه ٿو ٿئي.
رهندو پڙهيل لکيل ماڻهو آزار ۾ آهي. هتي جيستائين ڪوڙ، ٺڳي ۽ حرفت کان ڪم نه ٿو وٺجي، تيستائين هر شخص توهان کي پاڳل ٿو سمجهي.
ڀلا ٽيڪساس ۾ پڙهيل جو قدر آهي؟
دوست ٻي ته ڪا خبر ناهي پر ايتري ڳالهه ضرور آهي ته ماڻهو ماڻهن سان ڳالهايو پي. هر شخص ٻي جي ڳالهه ٻڌي پي. جيڪو به شخص پڙهيل لکيل هو مون ان جي سماج ۾ عزت ڏٺي ۽ علم جي اهميت جو احساس ڏٺو.
ڀلا ٻڌو آهي ته هو مسلمانن ۽ پاڪستانين کان نفرت ڪندا آهن؟
دوست منهنجي خيال ۾ ٽيڪساس ۾ ڪڏهن به ڪنهن به منهنجو مذهب ۽ قوميت نه پڇي. ۽ هر شخص مون کي منهنجي عمل ۽ ذات جي حساب سان سڃاڻيندو هو. هتي مون ڪڏهن به اهڙي قسم جي ڳالهه محسوس نه ڪئي.
مون کانئس پڇيو ڀلا هتي ته سڀ مسلمان آهن پوءِ جهيڙا ڇا لاءِ؟ هن مون کي ڪو به جواب نه ڏنو ۽ آئون سندس منهن ڏانهن تڪيندو رهيس.
فائن آرٽس لائبريري کان ايندي آئون يونيورسٽي جي پنجاهه هزار شاگردن کي ڏسي اڪثر حيرت ۾ پئجي ويندو هئس. هر شخص پنهنجي دنيا ۾ گم ۽ خيال جو شهري لڳندو هو.
هڪ دفعي ڪيفي ميڊيچي وٽ اليڪس کي ڏٺم. اليڪس ڊڪندو آيو. چيائين هتي ڇا پيو ڪرين؟
چيم روڊ تي ايندڙ ويندڙ بسن جا نمبر پليٽ پيو ڏسان. کلي چيائين هل ته پوءِ سائيڪلنگ ڪيون. پوءِ وسندي مينهن ۾ سڄو آسٽن گهمياسين.
واپسي وقت اليڪس پڇيو گهڻا نمبر پليٽ ڳڻيئي؟ چيم ياد ناهي.
چيائين مزو وٺ دوست- باقي سڀ ڪجهه فاني آهي.
haq.chang@gmail.com
 
 

No comments: