Friday, February 4, 2011



آشرم

”ڀِنيءَ تون ڀيريج“

ارشاد لغاري


هر ابتدا جي ابتدا کان اول ۽ هر انتها جي انتها کان اڳتي هو پنهنجي وجود جا ٽٽل ڌاڳا جوڙي رهيو هو. سندس چؤڌاري هڪ طرفين لاحاصل محبتن جا ٽٽل فريم پکڙيل هئا. انهن سمورن فريمن ۾ ٻه فريم اهڙا هئا جيڪي سندس اکين ۾ اهڙو محفوظ ٿيا جو سڄي شهر اهي تحريرون پڙهي ورتيون جيڪي انهن ٻن لاحاصل محبتن جي فريمن جي ڪئپشن طور منجهن آويزان هيون. جنهن مان هڪ هئي ته “Who lost beloved he lost every thing” ۽ ٻي فريم تي لکيل هو “We will meet Insha-Allah”. اهي فريم ڏسي هن تاريخ جي انهن سمورن ديوانن کي ياد ڪري مُرڪي ڏنو، جيڪي واعدن جي اڏيءَ تي پنهنجو سر رکي اڳتي وڌيا. پوءِ هو پنهنجي اڄوڪي نسل تي نظر ڊوڙائي ڳولڻ لڳو ڪجهه اهڙيون صورتون جيڪي ٻيهر ان احساس کي جياري سگهن، جنهن ۾ ماڻهو ڪنهن جي آسري کي اجايو ٿيڻ نه ڏيندو آهي پر وقت جي تيزي ۾ اهڙيون صورتون هاڻ آهستي آهستي گم ٿيڻ لڳيون آهن يا ممڪن آهي کيس نظر نه اينديون هجن. جيئن به آهي پر هن هڪ ڀيرو ساڌوءَ کان جيڪا ڳالهه ٻڌي هئي سا کيس سندس نسل جي حوالي سان بهرحال هڪ وڏو سچ ٿي سامهون آئي آهي: ڳالهه جيڪا ڪجهه هيئن هئي ته:

”ڊگهو عرصو مياڻ ۾ رهجي ويل تلوار زنگجي ويندي آهي ۽ جيڪڏهن شهسوار گهڻو عرصو نرم ريشمي بسترن جا هيراڪ بڻجي وڃن ته پوءِ کانئن ڪِلي وير ڪٽڪ ۾ ڪُميت سنڀاليا نه ٿيندا آهن.“ اهڙي ريت سندس ديس ۾ ڪُميت ۽ ڪُند سنڀالڻ واري گهڙي ته ڪڏهوڪي آيل آهي پر اهي سوار ڪٿي آهن جن سان رڻ گجي پوندو آهي؟

هو پُور پچائيندو رهيو ۽ انهن ڪردارن جي باري ۾ کيس خيال آيو ته هڪ نئين تاريخ لکي جن مان هڪ ڪيهر ڪردار کاري پاڻي جي شهر ۾ لڙيءَ شام جو سموري وطن کي هڪلون ڪري اهو چوندي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته:

”اهو ڪٿان جو انصاف آهي ته شينهن جو شڪار گدڙن هٿان ڪيو وڃي.“ پر ديس صدين جي ننڊ مان نه جاڳي سگهيو ۽ شينهن گدڙن هٿان شڪار ٿي ويو. اهو شڪار اڄ ڏينهن تائين جاري آهي، هر طرف بس گدڙن جون اوناڙون آهن. هي دؤر جيڪو پوري دنيا ۾ ڄڻ ته بس گدڙن جي ئي ڳٺ جوڙ جو دؤر آهي. ٻي پاسي دل جي اجاڙ دنيا آهي، جنهن ۾ هن سوچيو آهي ته هاڻ تند کڻي ۽ ان کي ايترو وڄائي جو اها تلوار جو روپ ڌاري وٺي، جنهن لاءِ هن پنهنجي مُرشد جا سمورا آستان هڪ هڪ ڪري ووڙڻ جو سوچيو آهي ۽ ان ويراڳ ۾ ٻيهر جنم وٺڻ جو سوچيو اٿائين جنهن جي لاءِ هن پنهنجي ڳوٺ جي هڪ راڳي کان ان عام فهم راءِ جي صورت ۾ ٻڌو هو ته ”راڳ هندستان ۾ جنم ورتو، ملتان ۾ جوان ٿيو ۽ سنڌ ۾ ڪامل روپ ماڻيائين.“ اهو سنڌ وطن جنهن جي رهبر ڪامل لطيف راڳ جو اهو نئون بيمثال مڪتب جوڙيو جنهن جي هاڪ ٻڌي چون ٿا ته هندستان جا ٻه قديم راڳي اٽل ۽ چيچل مرشد کان وائي سکڻ ۽ طالب ٿيڻ لاءِ هتي ڪهي آيا هئا. هن سوچيو ته پنهنجي مرشد جا ڪوٽيسر ۽ نارائڻ سر وارا تڪيا به ڀيٽي ۽ هن ڀونءِ تي سندس سمورا نشان محفوظ ڪندي پنهنجي تهذيب جي دفاع ۽ ارتقا لاءِ لطيفي دستور ۾ پنهنجي حصي جي سيوا ڪري.

مرشد جا اهي تڪيا، جن لاءِ پاڻ فرمايائين ته:

گنگا ڀيٽج گومتي، پورج پورب ڏانهن

ڪاسي ۽ ڪروت جي، رمي پڇج راهه

دوارڪا جي در جي، نانگا رک نگاهه

ناني نارائڻ سرکي، سانڍ برابر ساهه

اوڏو آهه الله، ڪوٽيسر جي ڪُنڊ ۾.

ان سفر ۾ هاڻ کيس انهن جوڳين جي تلاش آهي جيڪي رتول جي لڄ رکي ڄاڻن، جيڪي اڄڪلهه ان دستور کان انڪاري آهن جنهن ۾ پاڻ کي پارسا چوندڙن جي سموري کيپ لٽيرن کان بخشش ۾ مليل ڳڀي تي جيئري آهي ۽ انهن سمورو ذرو پرزو پنهنجن ابائن ۾ لڪائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته خلق خدا جي جهولين ۾ باهه جا گولا وڌا ويا آهن ۽ ڀڳوان جي بندن جو دامن شعلا شعلا آهي. هاڻ انهيءَ انياءُ جي آڳ کي فقط اهي ڪاپڙي ئي گُل ڪري سگهن ٿا جن لاءِ مرشد فرمايو ته:

پوري مڙهه مهيس، تيرٿ ويا تڪڙا

اُنهي ٿي اڳ ڪيا، پهه مٿي پرديس

جوڳي جُنبي هليا، ڪنهن ڏوراڻي ڏيس

اُن جا اَنديس، ساريان گهڻو سيد چوي.

هو جيڪو اڳ به جوڳين سان ملي چڪو آهي ۽ ڪي سال انهن جي سُنگ ۾ لمحي لمحي کي ماڻيو به اٿائين، جنهن سفر ۾ هڪ پڙاءُ دؤران ويراڳ ۾ ساڌو پنهنجي ساز تي کيس هي سبق به ڏنو هو ته:

ويراڳي وهيج، منجهئه هلج هن پار ڏي

چڱو چرکو پنهنجو، ويل مَ وساريج

اُٿيو آڌيءَ رات جو، ڀِني تون ڀيريج

سُٽ جو صرافن جو، ڪنبيو سو ڪتيج

اُنپر ٿي اچيج ته گُر کي گڏجين ڪاپڙي.

۽ ان سبق کانپوءِ رات سندس سامهون هڪ نئين انڪشاف سان عيان ٿي هئي، جنهن بعد نگر ۾ بکيا گهرندي هو ڳلي ڳليءَ ۾ اها صدا ڏيندو ٿي ويو ته ”رات کي سڄي خبر آهي“. جنهن تي شهر جي ماڻهن چيو هو ته ”چرين جي ڳالهين تي ڪهڙو اعتبار“. پر هيءُ هو سو پنهنجي ان ديوانگي جي ڌرم کي عام ڪندو ٿي ويو ته ”رات کي سڄي خبر آهي.“ ۽ هن آڌيءَ کي ڄڻ ته آلاپ جو روپ ڏيئي ڇڏيو هو. سو اڄ ٻيهر هڪ اهڙي ئي آلاپ سان اڳتي وڌي رهيو آهي، جنهن کي ٻڌي ظاهري دنيا ۾ دانائي جا دعويدار پنهنجن ڪنن تي هٿ ڏيئي رهيا آهن، جڏهن ته ديس جي ديوانن جي سيني ۾ نئون سنسار جنم وٺي رهيو آهي ۽ انهن پنهنجي اکين جا ڳوڙها اُگهي، ورهه جو وضو ڪري ڀِنيءَ جو اهو ڀيرڻ شروع ڪيو آهي ته ”رات کي سڄي خبر آهي.“ تڏهن ته ڏينهن جو پارسا ٿي هلندڙ ۽ رات جو رهزنيون ڪندڙن جا ڏند کڙڪڻ لڳا آهن. ائين جيئن سيءُ ۾ گدڙن جا ڏند کڙڪندا آهن ۽ هو به گدڙ ئي آهن ٻيو ڇاهن؟

laghariirshad@yahoo.dom

No comments: