Tuesday, February 8, 2011

آشرم

الاءِ ڇو....!؟

ارشاد لغاري


هُجوم جي تنهائي ڪيئن ٿيندي آهي؟ هو اڄڪلهه ان ڪيفيت جي شديد احساس ۾ پنهنجن سمورن ناتن جي وچ ۾ هوندي به ڄڻ ڪنهن اوپري سياري تي هلندو هجي. اهڙي سفر ۾ وٽس هر لمحي عجيب اسرار عيان ٿي سامهون ايندا رهن ٿا، ۽ هو آهي سو بس مسلسل سُر ۽ سوز جي جهان ۾ اڳتي اڃا ٻه قدم اڳتي وڌندو ٿو وڃي. ڪالهه به هو اڪيلو لهندڙ سج ڏانهن وڃي رهيو هو ته رستي ۾ هڪ ديواني کان ڪجهه هي ڳالهيون ٻڌائين:

”اسين جيڪي بُتن سان پيار ڪندا آهيون، دراصل اهو اسين نقلِ پروردگار ڪندا آهيون. باقي هڪڙي ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي جو هتي ماڻهن محبت کي به ڄڻ هڪ ڌنڌو بڻائي ڇڏيو آهي، جتي هر روز نئون پيار ڪن ٿا. جيتري قدر تنهنجي ۽ منهنجي تعلق جو سوال آهي ته تون گهٻراءِ نه ۽ نه ئي ايترا قسم کاءُ، وڃ اسين توتي اعتبار ڪريون ٿا. ۽ ها جيڪڏهن اچڻ چاهين ته اچ جو اسين اڄ به تنهنجو انتظار ڪريون ٿا. ۽ هونئن به دل سان هي دشمني ڪو غير ته نه ڪندا آهن. اها عنايت ته هميشه يارن کان ئي ٿيندي رهي آهي.“

هو ديواني جي ڳالهه ٻڌي اڻ ٻُڌي ڪري جيئن ئي اڳتي وڌڻ لڳو ته ديواني هن گيت سان ڌمال هڻڻ شروع ڪئي:

رقص ڪران، ني مئين ڦيريان پاوان

يار مناوان يار- يار مناوان يار

يار مئڏا لڄپال سئيان

جنهنڪون ڏٺي ٿئي ڪئي سال سئيان

ڪيوين جيوان مئين ڌار

يار مناوان يار

-

سيتا ٿيوان مئين ميران ٿيوان

رانجهڻ ٿي ول هيران ٿيوان

سسئي ٿيوان سئو وار

يار مناوان يار

-

لا، دي لالي، پا ورهه دي والي

ڌيان نگر وچ ٿيوان ڌمالي

جٿان هُودا سُر سينگار

يار مناوان يار

ديواني جي اهڙي گيت ۽ ڌمال هن جي خيال کي الائي ڪٿان جو ڪٿي وڃي ڇڏيو ته هيئن ڀڻڪيو:

”اي برها! تنهنجا به عجيب نت نوان نيارا ڀيد آهن، جن کي ڏسي سمورو جهان حيرت ۾ رهيو آهي آد جڳاد کان. تو لاصورت جي ديس مان اچي هتي ڪيئن نه هر صورت ۾ پنهنجو ديرو ڄمايو آهي!! هتي ٻن گلابي نيڻن واري روپ نگر ۾، پاڻ ئي پنهنجو شڪار ٿيندو ٿو رهين. ڪٿي لڪ لڪوٽيءَ ۾ ته ڪٿي سرِ ميدان نروار ٿيندو ٿو رهين. ڪٿي رام جي اولي ۾ هڪ وچن جي خاطر بنواس ٿو جهاڳين، ته ڪٿي اشوڪا جي روپ ۾ جُنگ- جنگوان ٿي ٿو اچين. ساڳي ريت ٻي پاسي سڀ رنگ حُسن ۽ محلات جا بسيرا ترڪ ڪري گوتم جو گيان ٿي پوين ٿو ۽ ڪٿي اسان فقيرن جي سيني ۾ عشق جي عدم آستان تان اٿي ان عرفان جون منزلون طئي ٿو ڪرين، جيڪي جيڪڏهن عام جي اڳيان سلجن ته هوند ٻيلي کي باهه لڳي وڃي. بس جڏهن سينو صدا بڻجي به وڃي ته فقط اها ئي ڪافي ان احساس جو آئينو ٿي سگهي ٿي ته:

صورتحال دا احوال خبران خيال ڪردا هي

ڪر پرواز، غمزي باز، ٿي شهباز ڦردا هي.

۽ اسين ان شهباز جي چنبي ۾ آهيون زماني کان... ايترو چئي هو پوءِ خبر ناهي ڪنهن سان هيئن ڳالهائڻ لڳو:

هڪ ڏينهن ايندو

جنهن جي رتي شام ۾

دلربائي جي دام ۾

سيوستان جي گهٽين ۾

توسان ملندس.

مان جيڪو هڪ خيال آهيان

لاحاصل ڪنهن عشق جي

ڌمال آهيان

لال آهيان تنهنجي ڳولها جي سفر ۾

هر نگر ۾

رقص منهنجي ۾ نمايان رنگ تنهنجا

ٿو وڄايان چنگ تنهنجا چاهه ۾

هر ساهه ۾ ۽ راهه ۾

بس تون ئي آهين

مان ته بس هڪ خيال آهيان

جو درازن ۾ ٻڌايو هو سچل

۽ کٽياڻن ۾ سڻايو ٿي کٽياڻ

”خيال ۾ گم ٿي- خيال ڪماءِ

خيال جو مطلب- خيال ۾ آهه.“

۽ پوءِ چوڻ لڳو:

”هي سموري جيوت عشق جو ڌڻ آهي. عشق جيڪو سنڀاليندڙ ڌنار به آهي ته شڪاري به. هي سمورو سنسار هن جي واڙ به آهي ته شڪار گاهه به. ان شڪار گاهه ۾ شوق جي ڪُميت تي جن به عشق جي سواري ڏسي ورتي سي پوءِ برهه جي ڀالي کان نٿا بچي سگهن. برهه جو اهو ڀالو جنهن جو آواز نه ايندو آهي.“

اها ڳالهه ڪري هو چُپ ٿي ويو... الاءِ ڇو؟

laghariirshad@yahoo.com

No comments: