Tuesday, November 30, 2010

آشرم

باقي ٻيو ڇاهي؟

ارشاد لغاري


هُن جڏهن جڏهن به پنهنجي ماضيءَ ۾ ٽُٻي ڏني آهي ته سندس اکيون سنڌ جي ان فريم تي وڃي کُتيون آهن، جنهن ۾ خاڪي رنگ جي وڳي ۾ ڪاري رنگ جي ڄاڙيءَ وَر پٽڪي سان هڪ گهوڙي سوار پنهنجي ڪُميت کي واڳ مان جهلي ڳوٺ جي وچ مان گذرندڙ چاري مان پنڌ هلي رهيو آهي. ڀل جو سج لهي رهيو آهي ۽ کيس دير به ٿي رهي آهي پر هو پنهنجي اُن روايت کي نٿو لتاڙي، جنهن ۾ سندس پيءُ پهريون ڀيرو کيس زين ڇڪڻ سيکاريندي، رڪيب ۾ پير وجهرائي اهو سبق ڏنو هو ته ”پُٽ راهه ۾ جڏهن به ڪو ڳوٺ اچي ۽ توکي ان جي وچ مان گذرڻو پوي ته گهوڙي تان هيٺ لهي پنڌ گذرجانءِ ۽ ٻيو اهو ته گهوڙي تي هجين ۽ رستي ۾ توکي ڪو پنڌ ملي ته پهريون سلام تون ڪجانءِ“. پر اڄ جڏهن ان سنڌ جا نقش آهستي آهستي مٽجي رهيا آهن، جنهن ۾ نه اهي گهوڙا رهيا آهن ۽ نه اهي سوار تڏهن هو ان ماضيءَ واري سنڌ جون ڪجهه اڪيليون ٿي ويل روايتون پنهنجي گودڙيءَ ۾ کڻي پنهنجي منهن الائي ڇا مان ڇا ڳالهائيندو ٿو رهي.

ڪالهه به هو آشرم ڏانهن ويندي ڪجهه هيئن چئي رهيو هو:

- ازل کان وٺي گذريل رات تائين آسمان مان جيڪو به ٻرندڙ ستارو ٽٽو آهي سو منهنجي ئي دل ۾ ڪريو آهي. منهنجي دل انهن ٻرندڙ ٽٽل ستارن جو آستان آهي جن کي خبر ناهي ڪهڙي ڏوهه ۾ پنهنجي افلاڪ واري ڪُڙم مان نيڪالي ڏني وئي؟ ڀل جو تو اڄ ڏينهن تائين پنهنجو هٿ منهنجي هٿ ۾ نه ڏنو آهي پر پوءِ به مون کي مختلف وقتن تي ڪئين ڀيرا ائين لڳو آهي ته آئون تنهنجي مهربان هٿن مان گذريو آهيان ۽ انهن لمحن ۾ تو مون کان اهو به پڇيو آهي ته ”تنهنجا لڱ ايترا ڪوسا ڇو آهن؟“ بس تڏهن، ها تڏهن مون توکي اهو چيو آهي ته جيستائين تون مُرشد جي رامڪلي ۾ موجود ”ٻري جن ٻاري“ واري مام کي نه پروڙيندين تيستائين توکي منهنجي وجود جو آڙاهه سمجهه ۾ نه ايندو.

- مون اڄ ڏينهن تائين هوائن کي تنهنجي لاءِ جيڪي به نياپا ڏنا آهن، سي توتائين پهتا آهن الاءِ نه، پر مان ايترو ضرور ڄاڻان ٿو ته کاري پاڻي واري شهر ۾ توکي جنهن مِٺي واهڙ جي تلاش آهي، تنهن واهُڙ تي تون جڏهن به پهچندين ته پنهنجي ملاقات ضرور ٿيندي. ۽ اها شام جيڪا تو اڄ ڏينهن تائين مون کي عطا نه ڪئي آهي، سا ان واهڙ تي ان لمحي دؤران پنهنجي پوري ڪامل گيڙو رنگ ۾ سميٽجي ايندي ۽ هيستائين تنهنجي ۽ منهنجي وڄ ۾ خودساخته طاري ڪيل خاموشيءَ جي جهنگ مان سُر مالڪوس جي صورت ۾ بيدل جو هيءُ پڙاڏو گونجي اٿندو.

الف آءُ سهڻا، سڻ حال مئڏا

تئڏي ٻاجهون ٻهون درمانديان مئين

راتين آب اکيان وچون نت وهي

ڏيهان خون جگر دا کانديان مئين

ڇا سُرندا، درد غمان دا، دست ڌري،

سُر سوز فراق دا، ڳانديان مئين

بيدل بار برهه دا باري

چُم چاهه ڪنون سِر چانديان مئين.

۽ پوءِ منهنجون اهي سڀ ڳالهيون توکي سمجهه ۾ اينديون جيڪي مون هميشه خليل جبران جي نالي ۾ توسان ڪيون آهن.

- توکي ياد آهي ته تو هڪ ڀيرو مون کي چيو هو ته ”مرشد جي هُو سِٽ ڪيئن آهي؟“ مون پڇيو هو ڪهڙي؟ ته تو چيو هو ”نهائينءَ کان نينهن سِک منهنجا سپرين“. آئون ان لمحي سمجهي ويو هئس ته مُرشد جي ان سٽ جو مون سان ذڪر ڪرڻ مان تنهنجي ڇا مُراد آهي! پر اڄ آئون توکي وري چوان ٿو ته ڳالهيون اڌ ۾ نه ڇڏبيون آهن. مُرشد اها سِٽ جنهن موڙ لاءِ سبق طور فرمائي هئي، آئون ورهين پڄاڻان به ان موڙ تي بيٺل آهيان پر جي تون پنهنجي دل تي هٿ رکي انصاف ڪندين ته توکي خبر پوندي ته تون ان موڙ کان ڪيترو اڳتي نڪتل آهين؟ آئون توکي واپس موٽڻ لاءِ ڪڏهن به زور نه ڀريندس. پر ايترو ضرور چوندس ته اڳيان جي ڪٿي توکي ٿوري فرصت ملي ته منهنجي ديس جي ڍول ويراڳي ڍول فقير کي ضرور ٻُڌي وٺجان جيڪو توکي اهو ٻڌائيندو:

”لائجي ته نڀائجي نه ته مرڳو ئي نه لائجي“

۽ پوءِ مُرشد جي ئي هي سِٽ به توسان سليندو:

”مون کان پاليو نه ٿئي، شوق اوهانجي جو شينهن“

- مون کي تنهنجي مستقبل سان ايترو ئي پيار آهي جيترو پنهنجي ماضيءَ سان. آئون جيڪو پنهنجي شهر ۾ ماضي پرست طور سُڃاتو وڃان ٿو، ڪڏهن به نٿو چاهيان ته تنهنجي سفر جي آڏو ڪا ديوار بڻجان، پر هڪڙي ڳالهه منهنجي ٻُڌي ڇڏ جيڪا توکي تڏهن ڪم ايندي، جڏهن تون پنهنجي مستقبل مان گذري، سندي حال جي ان لمحي ۾ پهچندين جتي تنهنجو فتح ڪيل هر معرڪو ماضي بڻجي چڪو هوندو. پوءِ اهو مقام ذاتي سماجي حاصلات واري بلندي هجي يا ڪو مجموعي انقلاب، ڪجهه به هجي پر ماضيءَ بڻجڻو آهي هڪ ڏينهن تنهنجي لاءِ.... ۽ جڏهن توکي ان موڙ تي ڪرڻ لاءِ ڪجهه به نه هجي، شل ايئن ڪڏهن به نه ٿئي پر جي ان موڙ تي زندگيءَ ۾ تولاءِ ڪا به inspiration نه هجي، تڏهن مُرشد جي سٽ ”حاصل جنين حال، آئون نه جيئندي ان ري“ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪجان.

ان سٽ جو حقيقي جوهر ئي تنهنجي منهنجي وچ ۾ ان وقت امين جو ڪردار ادا ڪندو. ممڪن آهي ته پوءِ توکي سڌارٿ جي ”لمحي“ واري اها فلاسافي به ڪم جي نظر اچي، جيڪا آئون بيشمار ڀيرا سيوهڻ جي گهٽين ۾ توکي آڇيندو رهيس پر تو ان کي هميشه جيان وري به مستقبل جي امڪان جي ڌنڌ حوالي ڪري ڇڏيو. جڏهن ته مون توکي ڪاڇي جي لوڪ راڳين سان به ان ڪري ئي ملائڻ ٿي چاهيو ته جيئن توکي ساڌوءَ جي اها ڪافي سمجهائي سگهان ته:

سج جيڪي لٿي، تئين نال مٺا

مئڏا، ماضي، آئيندا سو حال مٺا

ياد آوئي ڪو وعدا شال مٺا

بس ڪيهي ڏيوان مئين ميار تئڪون

ڏاڍي ڏينهن ٿئي ڏٺي يار تئڪون

شايد وِسر ڳيوسي دلدار تئڪون.

ڇو ته بس اهوئي ته هڪ لمحو آهي جنهن ۾ تو مون کي وساريو ۽ آئون توکي ياد ڪريان ٿو. باقي ٻيو ڇا آهي؟

laghariirshad@yahoo.com

No comments: