Sunday, September 11, 2011

پاڻيءَ ۾ ٻڏل لاڙ جا سڏڪا ۽ ٿر جي سر سبزي!


 This article is written in Lari and Thari Sindh. It is idiomatically written in rural -colloquial Sindhi. This is also one of the beautiful way of written Sindhi prose. 


خالد ڪنڀار
اڳي ٿر ڏڪارن ۾ ڏتڙجي سٺي لاءِ اچي مهراڻي واري ڪس ۾ ساهي پٽيندوهو پر جڏهن کان هاڪڙي وارو وهڪرو ماضيءَ جو قصو ٿيو ته ٿر ڏتڙجي ڪس وسائڻ کي وساري ٿر جي هڪڙي پاسي کاهوڙ ۽ ڍٽ مان اڀرا ڍور ڪوسي ريت تي هڪليندو وڃي هاڪڙي جي منڍ وارن علائقن سانگهڙ، نوابشاهـ، خيرپور ۽ ويندي سکر جا بئراجي پٽ جهليا ته ٻئي پاسي پارڪر، وٽ، سامروٽي ۽ مهراڻي واري ٿريئي وڃي لاڙ جي ڪلراٺن پوٺن بدين، ٺٽو ۽ سجاول واري سامونڊي پٽي ۾ مال کي ساهي پٽائي ۽ اتي ئي لڏا لاهي ايندڙ وسڪاري تائين اڀ جي انتظار ۾ موليٰ کي ٻاڏائيندو رهيو. هوڏانهن ٽي چار سال رکي ٿر ڏڪارن ۾ ڏتڙندو رهيو، ته وري لاڙ وسڪاري جي مند ۾ پهرين ئي ڀرپور مينهن جي سٽ نه سهندي ايل بي اوڊي جي سم نالن جي بي رحم وهڪرن ۾ لڙهندو وڃي ڪئمپون وسايون. پر جي لاڙ برسات جي بوندن کي پاڻ ۾ سمائڻ ۾ ڪامياب ويندو هو ته لاڙي ڀاڳيا وسڪاري جا چار مهينا لاڙ ۾ ڪٽڻ بدران پنهنجي مال کي مهاند ۾ ڪري اچي مهراڻي جي ڪس ۾ وانڍون ٺاهي ويهندا هئا ۽ گهڻا تڻا ته ٿرين جي اوتارن تي ٽڪيل هوندا هئا. وسڪاري وارن چئن مهينن ۾ اهو مشڪل هوندو هو ته مهراڻي ۾ ڪو اوتارو، لاڙي ڀاڳئي جو وٿاڻ نه ٿيندو هجي. ٿر جي وسيع ۽ کليل سيمن ۾ لاڙين جو مال جلا پيو چرندو هو. انهن ڏينهن ۾ ٿر روڊ رستي ۽ ٻي جديد سهولتن کان محروم هو ته لاڙين جو گهڻو تڻو مال رڳو ڪس ۾ هوندو هو، باقي ٿر ۾ مال پهچائڻ ئي وڏي ڏکي ڳالهه  هئي. پر ٿريو ته ان ڪري وسڪاري ۾ پنهنجي پنهنجي وٿاڻ تي وقتائتو پهچندو هو، جو ٿريو کنوڻ جي چمڪي تي مال ڪاهي روانو ٿيندو هو.
پر جيئن تـ گذريل ڏهاڪو سالن ۾ ٿر ۾ اها ڳالهـ مڃڻي پوندي ته هر وانڍ وٿاڻ تائين روڊ جي رسائي ٿي، ٿر ۾ روڊن جو وڏو نيٽ ورڪ وڇائجي ويو، روڊن جي انهيءَ نيٽ ورڪ وڇائڻ سان حال سارو ٿر بئراجي علائقن سان پهرين کان وڌيڪ مضبوطيءَ سان سلهاڙجي ويو، ڇڪڙن ۾ ٻن ٽن ڏينهن ۾ طئي ٿيندڙ سفر ڪلاڪن ۾ طئي ٿيو ۽ انهيءَ ئي روڊن جي نيٽ ورڪ جي ڪري اڳي جيڪي ٿريا پيادا بئراج پهچندا هئا، اهي پنهنجو مال ۽ لڏو ٽرڪن ۾ کڻائي سگها بئراج پهتا ته ٻئي پاسي جيڪا کيڙي اڳي اٺن ۽ گڏهن تي ٿيندي هئي، انهيءَ جڳهـ تي اها ٽريڪٽر تي ٿيڻ لڳي، ماڻهن ٽريڪٽر سان جلدي کيڙي ٿيڻ تي ٻنين جا مهاڳا ۽ گائوچر به پوکيا ته ٿر جي فطرت سان هٿ چراند وڌي. هوڏانهن جيڪو لاڙ جو مال مهراڻي واري سيم تائين محدود هو، اهو روڊ رستن جي ڪري پارڪر تائين پهتو ۽ ڪولهي ويري ۾ لاڙي ڀاڳيا وانڍون ڪري ويٺا ۽ سيمون چاريائون. پر ٿر سدائين لاڙي ڀاڳين لاءِ پنهنجي سيم رک ڪري روڪي چارڻ کان منع ڪونه ڪئي ۽ پوري ٿر ۾ الائي ڪٿان ڪٿان اچي وسڪاري ۾ مال ۽ ٽريڪٽر نڪتا. چار مهينا سيم چاري وري انهيءَ پيرين واپس ٿيا. لاڙين جو اهو پوري ٿر ۾ وانڍون ٺاهي ويهڻ واري عمل کي به هاڻ لڳ ڀڳ نه تڏهن به ڏهاڪو سال ٿيا هوندا، ۽ انهيءَ ڏهاڪو سالن ۾ بئراج ۽ ٿر جي وچ ۾ پئدا ٿيل ٿريئي سنڌي وارو لڳ ڀڳ خيال ختم ٿي چڪو آهي، پر هر سال لاڙين ۽ بئراجين جي ٿر اچڻ واري انداز ۽ هيل ٿر اچڻ واري انداز ۾ ڏينهن رات جو فوق آهي. هيل ته لاڙي ۽ بئراجن جي ڳوڙهن ۽ سڏڪن ۾ ٿرين جا ٽهڪ ۽ خوشبون ئي گم ٿي ويا آهن. هيل ته لاڙي ٻچا وات ۾ ڪري ٿر جي ڀٽن تي ڀونگيون ٺاهي ويٺا آهن، جيئن ٿريا ڏڪارن ۾ وڏيرن وٽ ويهندا آهن. هيل ته ٿرين کي ڏڪار ۾ ڏتڙجي دربدر ٿيڻ وارو پنهجو درد ئي وسري ويو آهي ۽ انهن جو درد انهيءَ ڪري وڌيڪ ايذائيندڙ آهي، جو هي سکين ستابن ماڻهن جو دربدر ٿيڻ آهي. انهيءَ ڪري ٿريا پنهنجي درد کي وڌيڪ سمجهن ٿا. ٿريا انهيءَ درد کي وڌيڪ محسوس ڪن ٿا. هيل ٿرين کي ڪرڻ ايئن گهرجي، جو انهن بنا اولي ۽ اجهي جي ڀٽن تي ڀونگيون ٺاهي ويٺل بئراجي ڀاڳين کي پنهنجي اڱڻ ۽ اوتارن ۾ ويهارين ۽ هنن جي درد کي وڌيڪ محسوس ڪري انهن ڏتڙيل لاڙين جو اولو ۽ اجهو ٿين. هيلوڪو وسڪارو پاڇاتو ضرور ٿيو آهي، پر برساتون ڀرپور آهن. ٿرين کي اهو ئي ڀرپور موقعو آهي، جو اهو قرض لاهين، جيڪو صدين ۽ پيڙهين کان بئراجي علائقي جي ماڻهن جو ٿر تي آهي. گهڻي مال اچڻ تي ارها نه ٿين، باقي ٿر ۾ جن ٻوڏ جي ڳالهه وارو ٻارڻ ٻاريو آهي، اها اجائي پروپگندا آهي، ٿر ۾ ٻوڏ واري ڳالهه ڪرڻ وائڙي آهي، ٿر ۾ ڪيترا به مينهن پون، پر ٻوڏ نه ايندي ۽ نه ئي چئونرو ڊهي ڪو جاني نقصان ڪندو، باقي جي ويهندا ئي تراين ۾ پلاٽن تي قبضا ڪري ته ٻڏندا نه ته ٻيو ڇا ٿيندو؟ باقي ٻوڏ ٿر ۾ ٻوڏ واري ڳالهه اهو رڳو سياسي پٽيلن، ڪامورن ۽ غير سرڪاري تنظيمن جي حڪمت عملي آهي. جيئن ڪئمپن کي ڪيش ڪرائي ٻوڏ جو پٽڻو پٽي ڪو پروجيڪيٽ وٺجي، ڪا امداد اچي وڃي ته اربن جو نقصان ڳڻائي پروجيڪٽ وٺي ڪروڙن جا ڪوڙا وائوچر ٺاهي رڳو پنهنجي ڪک سائي ڪجي. اهو تـ رڳو ڪمائڻ جو فن آهي، باقي ٻيو ڪجهـ ڪونهي. هر سال ٻئي سال لاڙ کي هلڪي سلڪي برسات ئي ٻوڙي وڃي ٿي، سم نالن ۽ ايل بي او ڊي ۾ پيل گهارن سان، نه ته لاڙ ته سمنڊ کي ويجهو آهي، پاڻي جو بهتر نيڪال هجي ته زوران زور برسات جي به لاڙ کي پرواهه نه هجي. پر هر دور جي حڪومت ڪرسي کي قابو ڪرڻ لاءِ عوام بدران اتحادين ۽ ٻين ڏي هٿ جوڙ ڪندي آهي، عوام ننڌڻڪو ٿي پيو دربدر ٿيندو آهي.
هيلوڪي برسات به جهڏي کي جيڪڏهن ٻوڙيو آهي ته پراڻ جي پراڻي وهڪري ۾ پيل گهارن جي ڪري ٻوڙيو آهي. نئون ڪوٽ ۾ به واهه ۾ گهارو پيو آهي، ۽ ايئن لاڙ ۾ به سم نالن ۽ ايل بي اوڊي کي گهارا پيا آهن. برسات جي ڦڙين ته ٻوڙيو ڪونهي، جو قدرت جي ميار ڏجي. هيءَ تـ هٿ سان آيل ٻوڏ آهي ۽ سرڪار هن ٻوڏ ۾ جيڪي بيان ڏيندي، سي رڳو بيان هوندا، پر انهن وٽ ٻوڏ کان بچڻ لاءِ ڪا مستقل حڪمت عملي نه هوندي، وري ايندڙ سال يا اڳئين سال اهي ئي حال هوندا ۽ اهي ئي اوسارا هوندا، اهو ئي ڪولر ۽ٻـ ڪلو اٽو ڪنهن کي مليو، ڪنهن کي نـ مليو ۽ پروجيڪٽ ويو پروجيڪٽ ٺاهيندڙ جي پيٽ ۾...ٻوڏ متاثرين وري بکيا اڃيا سڀ ڪجهه وڃائي پاڻي سڪڻ کانپوءِ پنهنجي پوٺا ٿيل ڳوٺ ڏانهن ورندا. چوڻ وارا ته سينو تاڻي اهو به چوندا آهن ته ٻوڏ قدرتي آفت آهي ۽ هي ماڻهو ويهن ئي پاڻيءَ جي وهڪرن ۾ ٿا ته انهن کي چٽي ورندي اها ڏبي ته اها قدرتي طور ٻوڏ آهي ڪونه. قدرتي ٻوڏ اها چئبي، جيڪا وسندي مينهن ٻوڙيندي هجي، سم نالا، ايل بي او ڊي ٻوڙين ته اها قدرتي ٻوڏ آهي ڪو نه، باقي جيستائين ماڻهن جو واهن ۽ دريائن جي ڪنارن تي ويهڻ آهي ته انساني تاريخ ۽ تهذيب جي سموري ارتقا دريائن جي ڪنارن تي ٿي آهي ۽ ماڻهن پنهنجو پاڻ کي سدائين پاڻي جي ويجهو آباد ڪيو آهي. انهيءَ ڪري ماڻهو ويهندو ئي پاڻي جو ڀر جهلي، ڇو ته پاڻي هن جي جيئڻ جي بنيادي ضرورت آهي، باقي زيرِ زمين پاڻي ته پاڻ وٽ آهن ئي کارا.
هاڪڙي ۽ پراڻ مان آسرو لاهي واهه ۽ شاخون ڪمزور ٺاهيون ويون، انهن ئي ٻوڙيو. واهه ۽ شاخون اهو خيال رکي ٺاهيون ويون ته صرف آبادي لاءِ پاڻي حاصل ڪيو ويندو، پر جڏهن تـ انهيءَ ۾ هنگامي برساتي پاڻي جي نيڪال جو سسٽم نـ رکيو ويو. سو لاڙ جي هر ٻي سال واري ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ آنا بهانا ڪرڻ بجاءِ ٿيڻ ته ائين گهرجي، جو پراڻي قدرتي وهڪرن هاڪڙي ڍوري ۽ پراڻ جي نئين سري سان کوٽائي ڪرائي انهن جا بند مضبوط ڪرڻ سان گڏو گڏ سم نالن، ايل بي او ڊي ۽ واهن ۽ شاخن کي اهڙي نموني سان ڊزائين ڪيو وڃي، جيئن نه رڳو آبادي لاءِ پاڻي وهائي سگهجي، پر برساتي پاڻي جي نيڪال وارو خيال به رکيو وڃي، باقي اڳتي نيڪال لاءِ لاڙ وٽ سمنڊ آهي.
 Jogee_khalid@yahoo.com
The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@gmail.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com