Fish

Wednesday, March 2, 2011

Shaikh Ayaz: A Poet of Emotions

شيخ اياز جي 88 هين جنم ڏينهن جي نسبت سان

تنهنجي ياد جي وري آ وير

محمد ابراهيم جويو

اسين خوش نصيب آهيون، جو اسان جي قومي زندگيءَ جي مُکُ دائرن يعني سياست، مذهب ۽ تهذيب مان هر هڪ ۾ اسان جي ڪيترن ئي محسنن اسان لاءِ گهڻو ڪجهه پوئتي پئي ڇڏيو آهي، جنهن کي ياد ڪري، سمجهي، اُن سندن نقش قدم تي هلي، هُنن لاءِ هردم پنهنجي عقيدت جو اظهار ڪري ٿا سگهون، ۽ اِئين پنهنجي زندگيءَ جي راهه جو قدم قدم روشن به ڪري ٿا سگهون. قومي زندگيءَ جو ايڪو ۽ اُن جي ساڃاهه به ايئن جُڙندي ۽ مضبوط ٿيندي آهي.

شيخ ايازَ، صغير سنيءَ ۾، جڏهن هو چوڏهن سالن جو هو، پنهنجو پهريون شعر رچيو، اُهو سندس تاثراتي غزل نما شعر هو، ۽ 1938ع ۾ شڪارپور مان شايع ٿيل ٻارن جي رسالي ”سُدرشن“ ۾ ”مردِ خدا“ جي عنوان سان ڇپيو:

نه غم دنيا جو آ ان کي، نه دنيا کان ڪنارو آهه،

نه ڏيڻو آهه نه وٺڻو آهه، نه حيلو آهه نه چارو آهه

نه پنهنجن سان محبت آهه، نه نفرت غير سان اُن کي

سڀن ۾ ذات حق ڏسڻو، اهو اُن جو نظارو آهه

نه آهي شاهه شاهيءَ ۾، گدائيءَ ۾ نه غم اُن کي

جو آهي سو آهه بهتر، اِهو اُن جو نظارو آهه

ڪفر اسلام کان فارغ، نه ملت سان غَرضُ اُن کي،

نه هندو آهه نڪي مسلم، سڀن کان پنٿ نيارو آهه.

شيخ اياز، ڇهه سَت سال پوءِ، جڏهن هو شڪارپور ڇڏي ڪراچيءَ ۾ بي.اي پڙهڻ آيو، تڏهن هُن 1944ع-1945ع ڌاري ”او باغي، او راج دروهي، ڀارت ۾ بلوي جا باني!“ نظم رچيو. 1946ع جي سنڌ اسيمبليءَ لاءِ پهرين چونڊن ۾ شيخ اياز ۽ ٻيا دوست....آءٌ به ساڻن گڏ هوس، ٿر ۾ عمرڪوٽ، ساماري، کپري جي تڪ لاءِ هاري ورڪر ڪامريڊ عبدالغفور سرهنديءَ جي حمايت ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ وياسين، تڏهن اياز جو ٻيو رچيل انقلابي نظم:

انقلاب! انقلاب! ڳاءِ انقلاب ڳاءِ!“

جئن زمين آسمان جي کُلي پئي زبان

شهر شهر چوڪ چوڪ جئن اٿي ڏئي جواب

ڌوڏ هن سماج کي لوڏ سامراج کي

ٺاهه ڪو نئون نظام جو چڱو چوي عوام

سڄيءَ چونڊ واري تڪ ۾ سڀ ڏينهن گڏجي ڳائيندا ئي رهياسين. 1947ع ۾ ڪراچيءَ جي ساٿين جي صلاح ۽ رٿا سان شڪارپور مان، شيخ اياز جي زير ادارت ۽ سندس اتان وارن ساٿين جي تعاون سان ترقي پسند رسالي ”اڳتي قدم“ جو اجراءُ عمل ۾ آيو. هن رسالي جا فقط ٽي پرچا ئي نڪتا. اُن گهڙيءَ سنڌي قوم ۽ سنڌي سماجُ پنهنجي تاريخ جي هڪ وڏي نازڪ مرحلي مان گذري رهيا هئا. هن رسالي پنهنجي اُن مختصر وقت ۾ وطن پاڪ سنڌ، اُن جي ٻوليءَ، ثقافتي ورثي جي دفاع ۽ مستقبل جي فروغ لاءِ جيڪو ڪردار ادا ڪيو، اُن بابت مون هڪ موقعي تي لکيو آهي ته اُن رسالي ”سنڌي ادب جي نڪ ۾ جا غلاميءَ جي ناڪيلي پيل هئي، سا لاهي ڦٽي ڪئي ۽ اُن کي اڳتي وڌڻ لاءِ پنهنجو مقصد، پنهنجي راهه ۽ پنهنجو ارادو عطا ڪيو.“

1955ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي سماهي ادبي رسالي ”مهراڻ“ جو ڪراچيءَ مان اجراءُ ٿيو، جنهن ۾ شيخ اياز جون پهريون رچيل وايون، بيت ۽ دوها شايع ٿيا، ۽ ائين سنڌي ٻوليءَ ۾ اُن جي اصلوڪن شعري گهاڙيٽن سان گڏ اياز جا نت نرالا گيت، نظم، غزل وغيره سندس بيتاب باغي روح جون املهه رچنائون هر ڀيري ۽ سالن جا سال شايع ٿينديون رهيون.

پنهنجي پهرئين شعري مجموعي ”ڀؤنر ڀري آڪاس“، جو پيش لفظ پاڻ لکندي، شيخ اياز پنهنجي شعر بابت لکيو: ”مون سنڌي بيت کي تصوف ۽ رواياتي شعر جي ڍير مان ڪڍي، اڇو اجرو ڪري، نئين رنگ ۽ روپ ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي....منهنجين ’وائين‘ جي هيئت ۽ موضوع ٻيئي جداگانه ۽ جديد آهن.....هر عظيم شاعر جي روح ۾ سندس پوري ماضيءَ ۽ اُن جي فني تخليقات، روايات ۽ فلسفهءِ حيات جون جَڙون آهن، جي هن جي شاعريءَ جي نشو و نما ڪري، اُن کي شگفته ڪَنوَلَ جو رنگ روپ ڏين ٿيون، ۽ هن جي فن ۽ فڪر جي انفراديت ڀؤنر جيئن ڀِرندي، آڪاش ۾ اُڏامندي ٿي رهي. جڏهن ’ٻنهي سندي ڳالهڙي‘ راس ٿي اچي، تڏهن هڪ فني شهپارو تخليق ٿئي ٿو...“

شيخ اياز جو نثر جو پهريون ڪتاب ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ نالي سان 1962ع ۾ شايع ٿيو. اُن ۾ سندس لکيل خط گڏ ٿيل هئا ۽ ”نوٽبڪ جا ورق“ عنوان هيٺ 25 صفحن تي ادب بابت سندس پنهنجا ۽ دنيا جي اديبن ۽ عالمن جا خيال پيش ٿيل هئا، جن مان هڪڙو اقتباس شيخ اياز جي پنهنجن لفظن ۾ هن موقعي تي گوش گذار ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان:

”... هو اُهو ديوانو شاعر هو، جو هر پيشرؤ جو پيرو ڊاهي، منزل ڏانهن اڳتي وڌندو هو. مون هن کي هڪ دفعي ’غالب‘ جو هيٺيون شعر ٻڌايو:

’لازم نهين ڪه خضر ڪِي هم پيروي ڪرين،

مانا ڪه اِڪ بزرگ همين همسفر ملي.‘

”هن فوراً شدت سان چيو، ’غلط! غالب غلط آهي. هر عظيم شاعر پنهنجو خضر پاڻ آهي، هن کي نه رهبر جي طلب آهي، نه همسفر جي.‘

”سنڌ جي ڪلاسيڪي ادب متعلق گفتگو ڪندي، هڪ ٽهڪ ڏيئي هُن چيو: ’سنڌ جو ڪلاسيڪي شعر! آخر اِهو آهي ڇا؟ ڪنهن جهوني جُڳَ جون ڏند ڪٿائون. منصور جو سوريءَ تي چڙهڻ، زڪريا جو ڪرٽ سان چيرجڻ، حضرت يونس عه جو مڇيءَ جي پيٽ ۾ رهڻ! ڪجهه روحاني ڏاڪڻيون....شريعت، طريقت، حقيقت، معرفت- ناسوت، جبروت، ملڪوت، لاهوت!

مون هن ۾ هڪ منفرد اديب جي انانيت ۽ خود اعتمادي ڏٺي. هن جي روح ۾ اُها ڇولي هئي، جا ڪچ ڪوڏيءَ ۽ موتيءَ کي ساڳيءَ طرح ٿُڏي، چنڊ کي چُمڻ لاءِ اُڀرندي آهي. ظاهري طرح هو واقعي ديوانو ٿي لڳو، پر هر عظيم شاعر اُهو ديوانو آهي، جو جنون جي بي انتها جوش ۾ پٿر اڇلائي، عرش عظيم جا در دريون ۽ روشندان ڀڃي وجهندو آهي.

مون هُن جي ڪلهي تي هٿ رکي چيو، ’ڪنهن حد تائين مان توسان متفق آهيان، پر سنڌي ڪلاسيڪي شاعري فقط تصوف جو مُربو ته نه آهي، ۽ تصوف جو بنيادي نظريو به ته آفاقي آهي. انسان جِي انسان سان محبت، انسان جِي ڪنهن ازلي حقيقت جي جستجو-جي اِهي انسان مان ويا، ته باقي هن ۾ ڇا رهيو؟ اِهي شاعريءَ جا ابدي موضوع آهن. ائين برابر آهي ته تصوف جو نظريو نه فقط سنڌ ۾، پر ڪيتريءَ حد تائين هر هنڌ مضحڪه خيز آهي، پر اِن جي معنيٰ اها نه آهي ته شاهه جو ’مومل راڻو‘ ۽ ’سسئي پنهون‘ اِن ڪري بي معنيٰ آهن، ڇاڪاڻ جو شاهه جي شاعريءَ جو محرڪ تصوف جو ڪو نظريو هو. جيڪڏهن تون عينيت جو غلاف هٽائي ڏسندين، ته توکي شاهه جا ڪيترائي بيت مجاز جا مجسما نظر ايندا، جن ۾ خالص حسن آفريني ۽ فطرت نگاري پيئي بکي. شاهه ۾ فطرت سان ڪيتري نه محبت آهي!

’آگميو آهي، لڳهه پس، لطيف چئي!‘

”ڇا، توکي ان سِٽ ۾ اُها ڪيفيت محسوس نٿي ٿئي، جا ’بادليئر‘ جي نظم ۾ آهي؟ هر شاعر ۽ اديب جي تخليقات ۾ هُن جي ماحول جون روايتون ۽ توهمات پوشيده آهن، توڙي هو قديم شاعرن مان هجي يا جديد مان. هن جو روح اُهو تلاءُ آهي، جنهن جي ڇر هيٺان سَرَ ۽ چڪڻي مٽي آهي: تون اُن ڇَرَ کي چانڊوڪيءَ وانگر چمي ڏس، اُن جي سَرَن ۽ چڪڻي مٽيءَ کي ڇا ڪندين؟ تون ان ۾ هنج وانگر ٽُٻي ڏي ته توکي موتي ملن. فقط ڪنهن ڪانوَ جي ڪانگيري ۾ ويهي ڇو ٿو چيخ پڪار ڪرين؟ بهتر آهي ته ڪلاسيڪي شعر جي انهيءَ حصي کي نظر انداز ڪري ڇڏ، جنهن ۾ آفاقيت نه آهي، جنهن ۾ شاعر جي دور جا توهمات ۽ بي ڪيف تصورات آهن. (نه وسار ته) عين ممڪن آهي ته هڪ صديءَ کان پوءِ تنهنجي منهنجي ڪلام لاءِ به ڪئنچيءَ جي ضرورت پوي.“

”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ ڪتاب مان هڪ ٻيو ٽڪرو به ڀانيان ٿو ته اوهان جي آڏو آڻي ڇڏيان. آگسٽ 1961ع جي ستينءَ تاريخ تي اياز مون ڏانهن خط لکيو، جيڪو انهيءَ ئي ڪتاب جي ص 64 کان 73 تائين آيل آهي. اُن خط ۾ هڪ هنڌ مون کي لکن ٿا:

”منهنجا ادا....منهنجو جدلياتي ماديت (Dialectical Materialism ۾ اعتبار نه آهي ۽ مان اديب ۽ فنڪار جي مڪمل آزاديءَ جو دلداده آهيان. مان چاهيان ٿو ته هر اديب ۽ فنڪار کي ايتري آزادي ڏني وڃي، جو هو پنهنجي برسر اقتدار طبقي، قوم ۽ وطن سان اختلاف راءِ جو اظهار ڪري سگهي، انهن جي فلسفهءِ حيات ۽ سياسي نصب العين خلاف آواز اُٿاري سگهي، ۽ جيڪي به هو سچ سمجهي، اُن کي سچائيءَ سان پيش ڪري سگهي. پر اِها آزادي هر مطلق العنان حڪومت ۾ ناممڪن آهي.“ ڊسمبر 1963ع ۾ اياز جو ٽيون ڪتاب ”ڪلهي پاتم ڪينرو“ شايع ٿيو ۽ اُهو سندس شعر جو ٻيو مجموعو هو. هن مجموعي ۾ دنيا جي چند عالمن ۽ اديبن جا قول ۽ پنهنجا به ان طرح جا مختصر قول درج ڪرايا آهن. اهي به کيس هڪ شاعر طور سمجهڻ لاءِ پڙهندڙ جا مددگار ٿي سگهن ٿا. سندس پنهنجا پيش ڪيل قول هن طرح آهن:

”جي سماج کان فرار ممڪن آهي ته اُهو انهيءَ زمين کان فرار آهي، جنهن مان آرٽ جي پرورش ٿئي ٿي. پال گوگي (مغربي مصور) ۽ مايا ڪوسڪي (روسي شاعر) جي فرار، يعني آپگهات جا ٻه مختلف طريقا آهن. ٽيون طريقو اهو آهي، جو مون چونڊيو آهي: پنهنجي ويساهه جي ڇنڊڇاڻ ڪري بنيادي ڳالهيون ڳولي لهان، هر عارضي ۽ مصلحت آميز ڳالهه کي ٿڏي ڇڏيان ۽ پنهنجيءَ جاءِ تي اٽل ٿي بيهان، ۽ ان لاءِ مون کي جيڪي به سهڻو پوي، اُهو سهان. هر عظيم فنڪار پنهنجي دور کان اڳ پيدا ٿيندو آهي. تون، ٺڪر جي ٿانوَ ۾ پاڻي پي رهيو آهين، مان توکي بلور جي صاف ڪوزي ۾ ئي آڇيان ٿو. تون منهنجي مَي کان ڇرڪين ٿو، ڇو ته تون انهيءَ بيٺل تلاءَ جي پاڻيءَ تي هري ويو آهين. توکي اِهو ٻاڙو پاڻي گهر ويٺي ملي ٿو، تنهنڪري تون اها تڪليف به نٿو وٺين ته تون اُهو شفاف جهرڻو ڳولي لهين، جنهن جي ڀر کان تنهنجا وڏا ڪجهه صديون اڳ لڏي آيا هئا. مون انهيءَ ساڳئي جهرڻي جي پاڻيءَ تي انگور جو وليون پوکي، انهن جي ميوي جي رس مان هيءَ مَي جوڙي آهي. تون انهيءَ مان چڪي چکي ڏس. شايد اِها توکي امر ڪري ڇڏي.“

اياز جا اهي ٽي ئي ڪتاب پاڪستان جي ون-يونٽي حڪومت ضبط ڪيا هئا. ”ڀونر ڀري آڪاس“ کي 1964ع ۾، جيڪو خود حڪومت پاڪستان جي پنهنجي قائم ڪيل ”پاڪستان رائٽرس گلڊ“ 1966ع ۾ پڌرو ڪيو هو، ۽ ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ ۽ ”ڪلهي پاتم ڪينرو“ جيڪي ٻئي ڊسمبر 1963ع ۾ شايع ٿيا هئا. تن کي به پنج سال پوءِ 1968ع ۾ پابندي هيٺ آندو ويو.

آئون پڇاڙيءَ ۾ شيخ اياز جو هڪ خط ڏيان ٿو، جنهن ۾ پاڻ ڄاڻايائون ته مالي توڻي ذهني طرح تمام گهڻا پريشان آهن. تنهن وقت ۾ پاڻ جيل مان نوان آزاد ٿي آيا هئا ۽ ”اڪ جون ڦلڙيون“ ڪتاب لکيو هئائون، جيڪو بروقت ڇپجي ته ويو هو، پر عام نه ڪيو ويو هو، ڇاڪاڻ ته اياز جا سڀ جا سڀ يعني ٽئي ڪتاب ضبط ڪيا ويا هئا، انهيءَ ڪري ڪجهه صبر کان ڪم ورتو ويو هو. سندن ڪيفيت ڪهڙي هئي، ان جو اندازو هيٺ ڏنل خط مان لڳائي سگهجي ٿو.

ادا ابراهيم،

مان اٽڪل ڏهه ڏينهن انفلوئنزيا سان بستري ۾ پيو هوس. اڄ ٺيڪ ٿيو آهيان ۽ تنهنجو خط پڙهي جواب ڏيئي رهيو آهيان. ڪتاب ”اڪ جون ڦلڙيون“ ترتيب ڏيئي، صفحا هڻي ربانيءَ هٿ موڪل. انهن نظمن ۾ هڪ ڇٽوپاَڌيا جي نظم جو ترجمو آهي، جنهن تي صفحو نه هڻڻو پوندو ۽ ان کي پهريون ڏيڻو پوندو.

اوهان جو پئمفليٽ ڇپائڻ چاهيو ٿا، ان لاءِ مون کي گهڻو ڏيڻو پوندو؟ دراصل جاءِ تي ايترو خرچ آيو آهي ۽ ڪاروبار ايترو گهٽ آهي جو مون جاءِ جو ٽيون حصو ڪم گهٽ ڪري ڇڏيو آهي. اڄ ڪلهه هٿ ڪجهه تنگ آهي ورنه ان پئيمفليٽ جو سمورو خرچ مان ڪيان ها. ان ڪري اهو پئمفليٽ ڪڍڻ ضروري ٿو نظر اچي.

ڪڏهن ڪڏهن ته ايمان لوڏي ۾ اچي ٿو وڃي. هيترين پريشانين جي باوجود رت ڏئي لکجي ٿو، سَوَن سوئرن ۽ ڪُتن جي نرغي سان منهن ٿو ڏجي، پر پوءِ به هن بي حس ملڪ ۾ ڪنهن ردِ عمل جي صورت نظر نٿي اچي، ڪيترو نه آزمائيندڙ آهي اهو ايندڙ صديءَ جي نسل لاءِ لکڻ! ڪيڏو نه ٿڪائيندڙ آهي اهو حقيقت جي مُنهن ۾ ٿُڪ هڻي ڪنهن خواب پٺيان ڊوڙڻ! اڪيلا رهي ته پهاڙ به اُٻاڻڪا ٿي پوندا هوندا!ڪير ڄاڻي ته جيڪو اسين چاهيون ٿا سو وجود ۾ ايندو به يا نه! اڄ روح ڏاڍو اُداس آهي.

تنهنجو پنهنجو اياز.

ibrahimjoyo@yahoo.com

0 comments: